درگاهه شاهه عبدالڪريم

درگاهه شاهه عبدالڪريم

درگاهه شاهه عبدالڪريم

درگاهه شاهه عبدالڪريم: حضرت شاهه عبدالڪريم جي درگاهه، شهر بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ آهي. هيءُ شهر شاهه ڪريم جي نالي پٺيان ئي آباد ٿيو. شاهه ڪريم تي خوبصورت مقبرو اڏيل آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ٺهرايو هو. مقبري جي اندر چار مزارون آهن، جن مان شاهه ڪريم جي مزار مٿان پڳ ٻڌل آهي. جڏهن ته سندس پٽن حسين، دين محمد ۽ لال محمد شاهه جون مزارون آهن. پڃرو، جنهن کي هندورو به سڏيو ويندو آهي، ان جي ٻاهران شاهه ڪريم جي پيرانديءَ، اولهه کان سيد محمد صلاح شاهه ۽ اوڀر کان مشهور شاعر سيد صاحبڏني شاهه جون مزارون آهن. محمد ابراهيم سنڌيءَ مقبري جي ماپ بابت ڄاڻ ڏيندي لکيو آهي ته: ”قبي جي اوچائي اٽڪل 80 فوٽ، گولائيءَ جي ڊيگهه 25 فوٽ اٺ انچ ۽ ويڪر به ساڳي آهي.“ مقبري جي مهاڙيءَ ۾ ڇهه فوٽ ڊگھو ۽ پنج فوٽ ويڪرو چانديءَ جو دروازو لڳل آهي، جنهن تي فارسيءَ ۾ سن 1327هه/ 1909ع لکيل آهي. روايت آهي ته اهو دروازو سيد صاحبڏني شاهه لڳرايو هو. مقبري جي اڳيان پنجٽيهه فوٽ ڊگھو ۽ چوويهه فوٽ ويڪرو ورانڊو ٺهيل آهي، جنهن تي ڪاشيءَ جو ڪم به ٿيل آهي اهو ڪاشيءَ جو ڪم ان وقت جي سجاده نشين سيد غلام حيدر شاهه ڪرايو هو. مقبري جي ٻاهران اولهه ۽ ڏکڻ ڪنڊ تي سيد برهان الدين شاهه ۽ سندس پٽ جي مزار آهي، جنهن تي ڇٽي ۽ پڃرو ٺهيل آهي. مقبري جي ڏکڻ طرف ٻين ساداتن ۽ فقيرن جون مزارون آهن.
درگاهه جي اتر پاسي ڪجهه ايڪڙن جي مفاصلي تي ڪاٺ جي چٽساليءَ سان هڪ وڏي ۽ ڪشادي جاءِ ٺهيل آهي، جيڪا سيد صاحبڏني شاهه فقيرن لاءِ ٺهرائي هئي. سماع واري جاءِ کان اتر طرف درگاهه جي اڳوڻي گادي نشين عبدالواسع شاهه جي مزار کان سواءِ اٺ مزارون آهن. ان مقبري جي ڀرسان بيبين جي چؤڪنڊي ۽ هڪ ننڍو مقبرو به آهي، جنهن ۾ ٻه قبرون آهن. انهن مان هڪ سيد عبدالدليل شاهه جي آهي. ان مقبري جي ڀر ۾ هڪ تمام خوبصورت مقبرو آهي، جنهن جو اندريون گنبذ اٺ پاسائون آهي، ان ۾ سيد سخي حيدر شاهه اول، سيد عالي شاهه بن عبدالواسع شاهه، محمد صلاح شاهه، سيد حيدر شاهه بن محمد صلاح شاهه، قمبر علي شاهه بن حيدر شاهه اول ۽ سيد حيدر شاهه ثاني بن قمبر علي شاهه جون قبرون آهن.
درگاهه جي ڏکڻ طرف چار مقبرا آهن ۽ هڪ مقبرو ٻانگي جي سامهون ڏکڻ طرف آهي، جيڪو سيد عبدالغني شاهه جو مقبرو سڏجي ٿو، جنهن جي اندر 9 قبرون آهن. انهيءَ مقبري جي سامهون سيدن جي مزارن ۽ بيبن جي چؤڪنڊي جي ڀرسان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏاڏي ۽ شاهه حبيب جي والد سيد عبدالقدوس شاهه جو مقبرو آهي، جنهن ۾ ڪل چار قبرون آهن، جن مان ٻيو نمبر قبر سيد عبدالقدوس شاهه جي آهي. هن مقبري جو دروازو اوڀر طرف آهي. مقبري جي ڏکڻ طرف شيرازي سيد جو مقبرو آهي، جيڪي شاهه ڪريم بلڙي واري جا مريد هئا. ان مقبري کي ڪيترن ئي سالن کان تالو لڳل آهي. ان مقبري جي ڀرسان ملتان جي قريشي بزرگن جو مقبرو آهي، جيڪي پڻ شاهه ڪريم جا مريد هئا، ان مقبري جي ڀرسان مسافرخانو ٺهيل آهي. درگاهه جي سامهون هڪ وڏو دروازو آهي، جنهن کي لکي دروازو سڏيو وڃي ٿو. لکي دروازي جي اولهه طرف گادي نشين جو تڪيو آهي ۽ در جي اوڀر طرف عيدگاهه آهي. عيدگاهه کان اوڀر شاهه لطيف جو حجرو آهي، جتي شاهه صاحب شاهه ڪريم جو مقبرو ٺهرائڻ وقت رهندو هو ۽ لطيفي راڳ پڻ ٿيندو هو. درگاهه جي لکي دروازي کان شهر تائين پڪو رستو ٺهيل آهي، درگاهه تي لائيٽ، پاڻي ۽ زيارتين جي رهڻ لاءِ بهتر انتظام پڻ ٿيل اٿس.


لفظ درگاهه شاهه عبدالڪريمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو